Agriculture Workers

The growers are unable to sow rice crop due to non-availability of water at the tail-end of canals

Agitating growers allege influential Zamindars of stealing water in connivance of irrigation officials

Badin: The growers of Badin staged a demonstration here on Sunday to lodge protest against the water shortage at the tail-end of Phuleli Canal, Akram Canal, Nau Wah, Ali Bahar Wah and other canals of the district.

The demonstration was organized by Sindh Agriculture General Workers Union, affiliated to National Trade Union Federation.

Comrade Lal Bux Sathio, Abdul Aziz Dero, Abdul Ghafoor Chandio, Ghulam Mustafa Malah, and other leaders alleged that the corrupt officials of the irrigation department were responsible for the shortage of water.

“The growers are worried over non-availability of water at the tail-end of the canals since long owing to which they are unable to cultivate rice crop,” they said.

The growers said that they had been lodging protest time and again but all in vain. “Even the elected representatives have not taken notice of the situation.”

They accused the influential persons of Badin district of stealing the water in connivance of irrigation officials.

The agitating growers demanded to remodel of Phuleli and other canals and dismantling the illegal watercourses used for stealing the water.

They also demanded de-silting the saline water drains of Left Bank Outfall Drain (LBOD) passing through the district, so as to save the district from floods during expected heavy monsoon rains. They further demanded the release of water in canals as per requirement.

Comrade Zulqarnain Loond, Sufi Mahboob Mallah, Mir Noor Ahmed, Umer Jalalani, Shiv Kolhi, Mohan Kolhi, Shiraz Khawaja, and others were present. (PR)

سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊيونين فيڊريشن مطالبن جي مڃتا لاء پريس ڪلب بدين جي اڳيان احتجاجي مظاهرو

سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ضلعي بدين پاران ضلعي بدين مان نڪرندڙ ڦليلي ڪئنال, اڪرم ڪئنال سميت سڀني واھن جي پڇڙي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف پريس ڪلب بدين جي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو, ان موقعي تي اڳواڻن سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪرز يونين لاڳاپيل NTUF جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ لال بخش لالڻ سٺيو, آبادگار اڳواڻ عبدالعزيز ڏيرو, عبدالغفور چانڊيو, اميرالبحراڳواڻ غلام مصطفي ملاح ۽ ٻين مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي کي ايندي گھڻو عرصو ٿي چڪو آھي پر آبپاشي عملدارن جي نااھلي جي ڪري بدين مان نڪرندڙ ڦليلي ڪئنال, اڪرم واھ, نئون واھ, علي بحرواھ جي پڇڙيء جا آبادگار اڃا تائين پاڻي کان محروم آھن, بدين جي ڦليلي ڪئنال, اڪرم واھ ۽ ٻين ننڍن وڏن واھن جي پڇڙي تائين پاڻي نه پھچڻ ڪري پڇڙي جا آبادگار سخت پريشان آھن جڏھن ته سارين جي پوکائي به نه ڪري سگھيا آھن ان کان سواء سندن بيٺل فصل سوڪھڙي جو شڪار ٿي رھيا آھن, ھنن چيوته ڦليلي ڪئنال ۽ اڪرم واھ جي پڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ لاء بار بار احتجاج ڪيا ويا پر ڪوبه کڙ تيل ناھي نڪتو, بدين جي چونڊيل نمائيندن به ڪڏھن آبپاشي عملدارن کي پڇڙي تائين پاڻي پھچائڻ جو پابند ناھي ڪيو, بدين جي سمورن واھن مان بااثر ماڻھون پاڻي جي چوري ڪري رھيا آھن پر کين ڪير به چوڻ وارو ناھي, احتجاج ڪندڙ اڳواڻن وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته ڦليلي ڪئنال کي 1955 جي ڊزائين مطابق ٺاھيووڃي, ڦليلي ڪئنال جي ريگيوليٽر تي ھنيل دِڪا فورن ختم ڪياوڃن اڪرم واھ جي ريماڊلنگ ڪري ٺاھيو وڃي ڦليلي ڪئنال کي ويڪرو ڪري علي پوراپ تي پورو گيج ڏنووڃي, ان سان گڏوگڏ بدين ضلعي مان نڪرندڙ سمورن واھن کي مقرره گيج مطابق پاڻي ڏنو وڃي, بدين ضلعي جي سمورن سم نالن جھڙوڪ ايل او بي ڊي علي مير شاھ سم نالو ۽ ٻيا ننڍا توڙي وڏا سم نالا بدين ضلعي جي مختلف حدن مان ڪراس ڪن ٿا انھن سمورن سم نالن جي فورن کاٽي ڪرائي وڃي ۽ امڪاني برساتي ٻوڏن کان بدين جي عوام کي ۽ آبادگارن جي لکين ايڪڙن تي بيٺل فصلن کي نقصان ۽ تباھي کان بچايو وڃي, ان موقعي تي ڪامريڊ ذوالقرنين لنڊ, صوفي محبوب ملاح, عمر جلالاڻي, شوو ڪولهي, موهن ڪولهي, محمدسومار ملاح, مير نوراحمد, نواز احمداڻي, عبدالمجيد لنڊ اسلم جمالي شيراز خواجا ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا۔

جاري ڪندڙ
سنڌايگريڪلچرجنرل ورڪريونين NTUF