admin Uncategorized August 19, 2020

دنيا ۽ انساني بقا کي مفاد پرسٽ سرمائيدارن جي رحم- ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي پيداوار جي ذريعن کي اجتماعي ملڪيت قرار ڏيڻ ۾ واري ععمل ۾ ئي لڪيل آهي. شڪاگو جي شهيدن جي 134 هين ڏهاڙي تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مزدور اڳواڻن جو اعلان

نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن پاران پورهيتن جي 134 هين عالمي ڏهاڙي “پهرين مئي” جي موقعي تي علامتي احتجاج ۾ مزدورن شهيدن کي ريٽو سلام پيش ڪيو. احتجاج جي سرواڻي محمد رفيق بلوچ، زهرا خان ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. احتجاج ۾ پورهيتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا.

ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور چيو ته اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو آهي جنهن ڏينهن پورهيتن پنبهنجي زندگين جو نطرانو آمريڪي سامارج کي وائکو ڪيو. اڄ مزدورن جو اهو 134 هون عظيم ڏينهن اهڙي ماحول ۾ ملهايو پيو وڃي، جنهن ويل سموري دنيا ۾ ڪورونا جهڙو موذي مرض پکڙيل آهي. هن وقت تائين 205 ملڪن جا 30 لک کان وڌيڪ انسان هن وائرس منجهان متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن 12 لکن کان وڌيڪ انساني زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هن وبا جو شڪار ٿيندڙ گهڻي کان گهڻو تعداد عام پورهيتن جو آهي. دنيا جي صنعتي طور تي خوشحال رياستون کان وٺي ترقي ڪندڙ رياستون پڻ هن موذي مرض جو مقابلو ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام ٿي چڪيون آهن هن وڌيڪ چيو ته صحت جو نظام پنهنجي بنيادي ڪوتاهين سبب جهڙوڪ پٽ اچي چڪو آهي. اڪثر رياستن جي حڪمرانن پاران هن موذي مرض جي شروعات ۾ ڪيل فيصلا پڻ اڄ جي صورتحال ۾ ڪروڙين انساني زندگين کي موت جي حوالي ڪرڻ جو سبب پڻ بڻيا آهن. آمريڪا، برطانيا، اٽلي، اسپين ۽ ايران جهڙن ملڪن جي رجعت پسند حڪومتن پاران هن وبا جي شروع وارن ڏينهن ۾ عيرذ ميواري جو مظاهرو ڪيو ويو.

هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري زهرا خان چيو ته عالمي اداري خاص طور اقوام متحدا، ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ۽ آئي-ايل- او، مئل گهوڙا ثابت ٿيا آهن. وبائي بحران ۽ ان سان لاڳاپيل معاشي بحران نسل، مذهب، قوم ۽ رياستي حدن کي اورانگهي چڪا آهن. وڏا وڏا برانڊ جيڪي سال ۾ اربين ڊالر منافعو ڪمائيندا آهن انهن پاران جاري آرڊر روڪيا ويا آهن . جڏهن ٻئي پاسي عالمي مالياتي ادارا قرضن کي روڪڻ بجاءِ ٻيڻو قرض جاري ڪري غلامي جي پنجوڙ کوڙي رهيا آهن. ملٽي نيشنل فارما سيوٽيڪل ( دوائون) ڪمپنين، جو هن وبا جي ڏينهن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڊُڪ ڊوڙ جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ معاشي بحران جي ان تيزي جو اندازو انهي منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته هن جنهن ۾ 20 ڪروڙ پورهيت بيروزگار ٿي چڪا آهن. هڪ ارب کان وڌيڪ پورهيت اجرتن ۾ گهٽتائي يا وري بيروزگاري جي ڪري بدحالي جو شڪار آهن. جيڪي ليبر فورس جو 38 سيڪڙو آهن. وڌيڪ پريشاني جي ڳاله اها آهي ته 2 ارب ستر ڪروڙ پورهيتن کي، رياستن پاران ڪيو ويندڙ لاڪ ڊائون ۽ درآمد ۽ برآمد جي ذريعن ۾ رڪاوٽن جي ڪري پنهنجي حقيقي آمدنين ۾ زبردست ڪٽوتين جو چئلينج آهي. هي تعداد عالمي ليبر فورس جو 81 سيڪڙو آهي. 1929 ع کان 1930ع جي “گريٽ ڊپريشن” جهڙي معاشي بحران هي سڀ کان وڌيڪ معاشي بحران آهي.
ان موقعي تي نيشنل ليبر ڪائونسل جي ڪرامت علي چيوته هن وقت اسان جهڙن ملڪن جا حڪمران دولتمند طبقن کي هر سهولت پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهن. پاڪستاني حڪومت پنهنجي جهالت جي ڪري 22 ڪروڙ انسانن کي معاشي ويڳاڻپ ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. طبئي شعبي جي ماهرحڪومت کي خبردار ڪري چڪا آهن، ته جيڪڏهن حفاظتي قدم ۽ امڪاني اپاءُ نه ورتا ويا ته هي وبا انسانن جي غير معمولي تعداد کي متاثر ڪري سگهي ٿي. جڏهن رياست جيڪا پاڻ کي تحفظ جي رياست چوندي آهي، هن وبا جي سامهون هٿيار فٽا ڪري چڪي آهي. وبا سان مقابلو ڪندڙ هيلٿ ورڪرز پنهنجي بيوسي جو تماشو ڏسي رهي آهي. رياست عام ماڻهن جي ضروري استعمال جي شين کي هن مرض دوران مهيا ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. پنهنجي ذميواري نڀائڻ بجاءِ پورهيتن کي، روزگار ۽ معاشي مسئلن جو بهانو بڻائي وبا جي سامهون بي يارو مدد گار ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ته سرمائيدارن هڪ پاسي لاڪ ڊائون دوران مزدورن کي اجرتن ڏيڻ ۽ نوڪرين تي بحال رکڻ وارن حڪومتي حڪمن ۽ اعلان نامن کي پيرن هيٺان لتاڙيندي نه رڳو اجرتون ڏيڻ کان انڪار ڪيو بلڪه پورهيتن کي پڻ برطرف ڪرڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان موقعي تي پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ حبيب الدين جنيدي چيو ته هن وقت تائين 60 لکن وڌيڪ پورهيتن کي برطرف ڪيو ويو آهي، اندازو آهي ته بيروزگارن جو تعداد ايندڙ ڏينهن ۾ 1 ڪروڙ 20 لکن تائين پهچي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت خاص حڪمن ذريعي کوڙ صنعتن کي ايس او پيز( اسٽيندرڊ آپريٽنگ پروسيجرز) جي تحت پيداواري عمل شورع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت جي اهڙي عمل کان پوءِ صنعتي ادرن جي اڪثريت ۾ ان ايس او پيز کانپوءِ لکين پورهيتن جون زندگيون داءُ تي لڳي چڪيون آهن. جڏهن ته حڪومتي ادارا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.
مقررن پاران اعلان ڪيو ويو ته هي صورتحال نئين صف بندي جو تقاضا ڪري ٿي. ان لاءِ اڄ سموري دنيا پورهيت ئي نه پر هر باشعور ۽ تاريخ جو اراڪ رکندڙ ذهن هي اعلان ڪري رهيو آهي، ته هن دنيا جي انساني بقا کي هڪ مٺ جيترن مفاد پرست ٽولن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. انهي لاءِ سموري دنيا جي عوام جي عوام کي سرمائيدار نظام جي خلاف هڪ فيصلائتي وڏي ويڙهه وڙهڻي آهي. هرجاندار کي بهتر زندگي گزارڻ جو موقع جوڙي ڏيئڻو آهي. اهڙو جهان تخليق ڪرڻو آهي جتي ڪابه قوم ڪنهن جي قرضي يا رحم ڪرم تي نه هجي. هر شخص جي حق ۾ کي تعليم، صحت ۽ تحفظ جا موقع شامل هجن، هر فرد کي روزگار مناسب آمدني جي صمانت ۽ هر شخص کي سماجي تحفظ حاصل هجڻ گهرجي. جتي محنت کي سرمائي تي ۽ انسان کي منافعي فضيلت هجڻ گهرجي. هنن مطالبو ڪيو ته لاڪ ڊائون دوران پورهيتن جي اجرتن کي يقيني بڻايو وڃي. پورهين جي برفي جي سلسلي سان گڏ حڪومتي حڪمن کي نه مڃيندڙ فيڪٽري مالڪن ۽ صنعتڪارن کي گرفتار پڻ ڪيو وڃي. عمل نه ڪندڙن تي ڳرا ڏنڊا پڻ وڌا وڃن. صنتڪارن کي پورهيت حقن لاءِ حڪومتي اعلانن جو پابند بڻايو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته لاڪ ڊائون دوران اجرتن جي ادائيگي لاءِ حڪومت جل از جلد آرڊينس جاري ڪري. ان موقعي تي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي گُل رحمان ، پاڪستان فشرفوڪ فورم جي سعيد بلوچ، جمون ڪشمير نيشل پارٽي جي کامریڈ مظہر ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي سجاد ظهير، سانحه بلديه ايسوسيئيشن جي سعيده خاتون، يونائٽيڊ هوم بيسڊ گارمنٽ ورڪرز يونين جي سائرا فيروز، خضر قاضي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
رابطي جي لاءِ —ڪراچي -پريس ريليز – 1 مئي 2020 ع
عالمي دنيا جي انساني بقا کي مفاد پرسٽ سرمائيدارن جي رحم- ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي، عالمي امن، ترقي ۽ خوشحالي پيداوار جي ذريعن کي اجتماعي ملڪيت قرار ڏيڻ ۾ واري ععمل ۾ ئي لڪيل آهي. شڪاگو جي شهيدن جي 134 هين ڏهاڙي تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مزدور اڳواڻن جو اعلان
نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن ۽ هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن پاران پورهيتن جي 134 هين عالمي ڏهاڙي “پهرين مئي” جي موقعي تي علامتي احتجاج ۾ مزدورن شهيدن کي ريٽو سلام پيش ڪيو. احتجاج جي سرواڻي محمد رفيق بلوچ، زهرا خان ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. احتجاج ۾ پورهيتن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا. ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور چيو ته اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو آهي جنهن ڏينهن پورهيتن پنبهنجي زندگين جو نطرانو آمريڪي سامارج کي وائکو ڪيو. اڄ مزدورن جو اهو 134 هون عظيم ڏينهن اهڙي ماحول ۾ ملهايو پيو وڃي، جنهن ويل سموري دنيا ۾ ڪورونا جهڙو موذي مرض پکڙيل آهي. هن وقت تائين 205 ملڪن جا 30 لک کان وڌيڪ انسان هن وائرس منجهان متاثر ٿي چڪا آهن. جڏهن 12 لکن کان وڌيڪ انساني زندگيون ضايع ٿي چڪيون آهن. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هن وبا جو شڪار ٿيندڙ گهڻي کان گهڻو تعداد عام پورهيتن جو آهي. دنيا جي صنعتي طور تي خوشحال رياستون کان وٺي ترقي ڪندڙ رياستون پڻ هن موذي مرض جو مقابلو ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام ٿي چڪيون آهن هن وڌيڪ چيو ته صحت جو نظام پنهنجي بنيادي ڪوتاهين سبب جهڙوڪ پٽ اچي چڪو آهي. اڪثر رياستن جي حڪمرانن پاران هن موذي مرض جي شروعات ۾ ڪيل فيصلا پڻ اڄ جي صورتحال ۾ ڪروڙين انساني زندگين کي موت جي حوالي ڪرڻ جو سبب پڻ بڻيا آهن. آمريڪا، برطانيا، اٽلي، اسپين ۽ ايران جهڙن ملڪن جي رجعت پسند حڪومتن پاران هن وبا جي شروع وارن ڏينهن ۾ عيرذ ميواري جو مظاهرو ڪيو ويو.
هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري زهرا خان چيو ته عالمي اداري خاص طور اقوام متحدا، ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ۽ آئي-ايل- او، مئل گهوڙا ثابت ٿيا آهن. وبائي بحران ۽ ان سان لاڳاپيل معاشي بحران نسل، مذهب، قوم ۽ رياستي حدن کي اورانگهي چڪا آهن. وڏا وڏا برانڊ جيڪي سال ۾ اربين ڊالر منافعو ڪمائيندا آهن انهن پاران جاري آرڊر روڪيا ويا آهن . جڏهن ٻئي پاسي عالمي مالياتي ادارا قرضن کي روڪڻ بجاءِ ٻيڻو قرض جاري ڪري غلامي جي پنجوڙ کوڙي رهيا آهن. ملٽي نيشنل فارما سيوٽيڪل ( دوائون) ڪمپنين، جو هن وبا جي ڏينهن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڊُڪ ڊوڙ جاري آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ معاشي بحران جي ان تيزي جو اندازو انهي منجهان لڳائي سگهجي ٿو ته هن جنهن ۾ 20 ڪروڙ پورهيت بيروزگار ٿي چڪا آهن. هڪ ارب کان وڌيڪ پورهيت اجرتن ۾ گهٽتائي يا وري بيروزگاري جي ڪري بدحالي جو شڪار آهن. جيڪي ليبر فورس جو 38 سيڪڙو آهن. وڌيڪ پريشاني جي ڳاله اها آهي ته 2 ارب ستر ڪروڙ پورهيتن کي، رياستن پاران ڪيو ويندڙ لاڪ ڊائون ۽ درآمد ۽ برآمد جي ذريعن ۾ رڪاوٽن جي ڪري پنهنجي حقيقي آمدنين ۾ زبردست ڪٽوتين جو چئلينج آهي. هي تعداد عالمي ليبر فورس جو 81 سيڪڙو آهي. 1929 ع کان 1930ع جي “گريٽ ڊپريشن” جهڙي معاشي بحران هي سڀ کان وڌيڪ معاشي بحران آهي.
ان موقعي تي نيشنل ليبر ڪائونسل جي ڪرامت علي چيوته هن وقت اسان جهڙن ملڪن جا حڪمران دولتمند طبقن کي هر سهولت پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا اهن. پاڪستاني حڪومت پنهنجي جهالت جي ڪري 22 ڪروڙ انسانن کي معاشي ويڳاڻپ ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. طبئي شعبي جي ماهرحڪومت کي خبردار ڪري چڪا آهن، ته جيڪڏهن حفاظتي قدم ۽ امڪاني اپاءُ نه ورتا ويا ته هي وبا انسانن جي غير معمولي تعداد کي متاثر ڪري سگهي ٿي. جڏهن رياست جيڪا پاڻ کي تحفظ جي رياست چوندي آهي، هن وبا جي سامهون هٿيار فٽا ڪري چڪي آهي. وبا سان مقابلو ڪندڙ هيلٿ ورڪرز پنهنجي بيوسي جو تماشو ڏسي رهي آهي. رياست عام ماڻهن جي ضروري استعمال جي شين کي هن مرض دوران مهيا ڪري ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي. پنهنجي ذميواري نڀائڻ بجاءِ پورهيتن کي، روزگار ۽ معاشي مسئلن جو بهانو بڻائي وبا جي سامهون بي يارو مدد گار ڇڏي ڏنو آهي. جڏهن ته سرمائيدارن هڪ پاسي لاڪ ڊائون دوران مزدورن کي اجرتن ڏيڻ ۽ نوڪرين تي بحال رکڻ وارن حڪومتي حڪمن ۽ اعلان نامن کي پيرن هيٺان لتاڙيندي نه رڳو اجرتون ڏيڻ کان انڪار ڪيو بلڪه پورهيتن کي پڻ برطرف ڪرڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ان موقعي تي پيپلز ليبر بيورو جي اڳواڻ حبيب الدين جنيدي چيو ته هن وقت تائين 60 لکن وڌيڪ پورهيتن کي برطرف ڪيو ويو آهي، اندازو آهي ته بيروزگارن جو تعداد ايندڙ ڏينهن ۾ 1 ڪروڙ 20 لکن تائين پهچي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت خاص حڪمن ذريعي کوڙ صنعتن کي ايس او پيز( اسٽيندرڊ آپريٽنگ پروسيجرز) جي تحت پيداواري عمل شورع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. حڪومت جي اهڙي عمل کان پوءِ صنعتي ادرن جي اڪثريت ۾ ان ايس او پيز کانپوءِ لکين پورهيتن جون زندگيون داءُ تي لڳي چڪيون آهن. جڏهن ته حڪومتي ادارا ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن.
مقررن پاران اعلان ڪيو ويو ته هي صورتحال نئين صف بندي جو تقاضا ڪري ٿي. ان لاءِ اڄ سموري دنيا پورهيت ئي نه پر هر باشعور ۽ تاريخ جو اراڪ رکندڙ ذهن هي اعلان ڪري رهيو آهي، ته هن دنيا جي انساني بقا کي هڪ مٺ جيترن مفاد پرست ٽولن جي رحم ڪرم تي نٿو ڇڏي سگهجي. انهي لاءِ سموري دنيا جي عوام جي عوام کي سرمائيدار نظام جي خلاف هڪ فيصلائتي وڏي ويڙهه وڙهڻي آهي. هرجاندار کي بهتر زندگي گزارڻ جو موقع جوڙي ڏيئڻو آهي. اهڙو جهان تخليق ڪرڻو آهي جتي ڪابه قوم ڪنهن جي قرضي يا رحم ڪرم تي نه هجي. هر شخص جي حق ۾ کي تعليم، صحت ۽ تحفظ جا موقع شامل هجن، هر فرد کي روزگار مناسب آمدني جي صمانت ۽ هر شخص کي سماجي تحفظ حاصل هجڻ گهرجي. جتي محنت کي سرمائي تي ۽ انسان کي منافعي فضيلت هجڻ گهرجي. هنن مطالبو ڪيو ته لاڪ ڊائون دوران پورهيتن جي اجرتن کي يقيني بڻايو وڃي. پورهين جي برفي جي سلسلي سان گڏ حڪومتي حڪمن کي نه مڃيندڙ فيڪٽري مالڪن ۽ صنعتڪارن کي گرفتار پڻ ڪيو وڃي. عمل نه ڪندڙن تي ڳرا ڏنڊا پڻ وڌا وڃن. صنتڪارن کي پورهيت حقن لاءِ حڪومتي اعلانن جو پابند بڻايو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته لاڪ ڊائون دوران اجرتن جي ادائيگي لاءِ حڪومت جل از جلد آرڊينس جاري ڪري. ان موقعي تي نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي گُل رحمان ، پاڪستان فشرفوڪ فورم جي سعيد بلوچ، جمون ڪشمير نيشل پارٽي جي کامریڈ مظہر ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي سجاد ظهير، سانحه بلديه ايسوسيئيشن جي سعيده خاتون، يونائٽيڊ هوم بيسڊ گارمنٽ ورڪرز يونين جي سائرا فيروز، خضر قاضي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

www.revanger.com www.erguvanhaber.com www.erzurumozelders.com www.tekirdagtabldot.com www.gebzesaadet.com www.balikesiryenihaber.com www.ucanbalonmugla.com www.aymaras.com www.buyukorduhaber.com www.ambushm.com www.trabzonpostasi.com www.yalovaradyotv.com www.internetedirne.com www.duzcepark.com www.butuncanakkale.com www.ssgolfhotel.com www.ispartaradyonet.com www.tokathaberi.com www.tokathabersitesi.com www.escortlarrize.net www.sivashbr.net www.sivashaberci.com www.manisaotolastik.com www.yeniyasamgorukle.com www.alanyamado.com www.manavgatx.com